top of page

Bahria Town Karachi-DHA city Karachi-Suprem Court of Pakistan ...

  • Writer: BUBLIC BLEND MEDIA
    BUBLIC BLEND MEDIA
  • Oct 18, 2023
  • 4 min read

سنڌ جي زمينن جي والار - Land grabbing


بحريا ٽائون ڪراچي - ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي - سپريم ڪورٽ


17 آڪٽوبر 2023 تي بحريا ٽائون لميٽڊ ڪراچي، سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست پيش ڪئي آهي ته هنن سان اڻبرابري واري روش ختم ڪئي وڃي. ان درخواست جا تفصيل اڄوڪي ڊان اخبار ۾ شايع ٿيا آهن. جنهن جو سنڌي ترجمو هت ڏجي ٿو.


بحريا ٽائون جو چوڻ آهي ته هنن کان زمين جي قيمت جي مد ۾ 2 ڪروڙ 72 لک روپيا في ايڪڙ ورتا پيا وڃن. جڏهن ته سندن ئي ڀر ۾ ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي کان هڪ لک روپيا في ايڪڙ جي حساب سان زمين ڏني وئي آهي. ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي کي زمين جي قيمت جي ادائگين، ٽيڪسن ءٍ مسواڙ جي ڇوٽ ءٍ ٻيون گهنيون سهولتون ڏنيون ويون آهن. جنهن جي ڪري هنن جي ڪاروباري مقابلي ڪرڻ جي سگھ ختم ٿي چڪي آهي. جيڪا روش پاڪستان جي آئين جي آڙٽيڪلن 9, 18 ءٍ 25 جي ڀڃڪڙي آهي. جنهن فرد جي تحفظ، ڪاروبار جي آزادي ء شهرين جي برابري جا حق متاثر ٿين ٿا. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻين جيان

بحريا ٽائون ڪراچي سان به ساڳئي ڪاروبار ء ساڳئي هنڌ تي برابري وارو سلوڪ روا رکيو وڃي.


بحريا ٽائون ڪراچي جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل هن درخواست جي ڪري هڪ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي پئي آهي. جنهنجو سنف جا عام توري خاص فرد ءٍ سموريون سنڌ دوست حلقا سنجيدگي ءٍ گهربل اونهائي سان جائزو وٺي ڪو ٺوس گڏيل مؤقف ترتيب ڏين.


آئون گذريل ڪجھ سالن کان ان ڳالھ جي گهر ڪندو رهيو آهيان ته بحريا ٽائون ڪراچي جيڪا 462 ارب روپين جي رقم زمين جي عيوض قسطوار سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي رهي آهي اها رقم اتان بيدخل ٿيل اصلوڪن -Indigenous ماڻهن جو قدرتي حق اها. اها سموري رقم ءٍ ان تي ملندڙ نفعو/وياج انهن اصلوڪن ماڻهن جي مڪمل انتظام هيٺ هلندڙ هڪ ٽرست قائم ڪري منتقل ڪئي وڃي ته جيئن سندن اها ملڪيتي رقم سندن گڏيل ڀلائي جي ڪمن ۾ خرچ ٿي سگهي.


سنڌ جي 30 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين مختلف وفاقي سرڪار انتظام ۾ هلندڙ ادارن ءٍ لينڊ مافيائن جي قبضي ۾ آهي. اڃان وڌيڪ قبضن جا بندوبست رٿيل آهن. تازو سنڌ جي نگران وڏي وزير سنڌجي ٻيلي کاتي پاران ڏنل ليزون ختم ڪرڻ لاء هڪ اجلاس گهرائي هدايتون جاري ڪيون آهن. اهي ليزون پوري سنڌ ۾ ننڊن سنڌي آبادگارن کي مليل آهن. اهي به ڪينسل ڪري انهن تي به قابض ٿيندا.


بَندر جان ڀَئي، تہ سُکاڻا مَ سُمهو،

ڪَپُر ٿو ڪُن ڪري، جيئَن ماٽيءَ مَنجهہ مَهي،

ايڏو سُور سَهي، ننڊ نہ ڪجي ناکُئا.


هن سموري صورتحال ۾ اسان سڀني سنڌين کي هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو ته سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ والار کي ٻجو به ڏيارڻو آهي ‎۽ ٿيل والار کي واپس ورائڻو به آهي. ان لاء گهربل فهم فراست ء سنجيدگي جي روش پنهنجو پاڻ ۾ اجتماعي طور تي پيدا ڪرڻي آهي. قومون گڏيل ڏاهپ، جرئت ‎۽ عملن سان پنهنجا سمورا حق حاصل ڪري وٺنديون آهن. اسان به پنهنجا سڀ حق حاصل ڪري سگهون ٿا. ان عزم جو به پختو پھ ڪجي.

جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري وينداسين،

ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ! ڏونگر ڏاري وينداسين۔


AGM


===============================

ڊان اخبار ۾ ڇپيل خبر جو سنڌي ترجمو:


اسلام آباد: بحريا ٽائون (پرائيويٽ) لميٽيڊ ڪراچي (بي ٽي ايل ڪي) اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ برابري واري روش اختيار ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي. جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته سندس ڀر واري هائوسنگ منصوبي کي ترجيح ڏني وئي اهي.


اهو قدم بي ٽي ايل ڪي جي مارچ 2019 جي 460 بلين روپين جي آڇ جي منظوري تي عمل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي مقرر ڪيل ٻڌڻي کان هڪ ڏينهن اڳ ورتو ويو آهي.


سينيئر ايڊووڪيٽ سلمان اسلم بٽ جي ذريعي جمع ڪرايل پنجن صفحن تي ٻڌل درخواست ۾ BTLK چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته مناسب حڪم جاري ڪري ته جيئن رئيل اسٽيٽ جي اداري کي ساڳين منصوبن جي برابر شرط لاڳو ڪيا وڃن، ڪنهن به پارٽي سان تعصب يا تعصب کان سواءِ. جنهن ۾ ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي پڻ شامل آهي،


چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ (اڄ) اربع تي بي ٽي ايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جنهن ۾ جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله به شامل آهن.


پنهنجي درخواست ۾ بحريا ٽائون جي ڊولپر ٻنهي ادارن جي وچ ۾ زمين جي قيمتن ۾ تفاوت کي اجاگر ڪيو. ان ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي کي 19640 ايڪڙ زمين 1.96 بلين رپين جي لاڳت سان الاٽ ڪئي وئي جيڪا 100,000 رپيا في ايڪڙ جي برابر آهي، جڏهن ته BTLK کي 16,896 ايڪڙ زمين 460 بلين رپيا يا 27.2 ملين رپيا في ايڪڙ جي حساب سان الاٽ ڪئي وئي. ٻنهي ادارن وٽ 99 سالن جي ليز جون شرطون آهن.


اها پڻ دعوي ڪئي وئي وئي آهي ته DHA سٽي کي 11,640 ايڪڙ تي ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس (سي وي ٽي) جي ادائگي جي معافي ڏني آهي ۽ 8,000 ايڪڙ تي ان ٽيڪس ادا ڪرڻ لاء مهلت ڏني وئي آهي.


بحريا ٽائون جي درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايل اهي ته ڊي ايڇ اي سٽي ان کان سواء جيڪڏهن، سروي ۽ حد بندي ڪرڻ تي، ڏنل ايراضي گهٽجي وڃي ٿي، ته اضافي رقم ليز هولڊر کي واپس ڪئي ويندي. وڌيڪ اهو به ته، ڊي ايڇ اي سٽي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تائين ڪوبه زميني مسواڙ (ground rent) ادا نه ڪندي ۽ روڊن رستن ءٍ ٻين سهولتن لاءِ ڪتب آيل زمين تي پڻ گرائوند رينت ادا نه ڪيو ويندو.


بحريا ٽائون دعويٰ ڪئي آهي ته اهڙي متڀيد واري سلوڪ ان جي بنيادي حقن کي متاثر ڪيو آهي ۽ هزارين شهرين ۽ ادارن کي متاثر ڪيو جن بحريا ٽائون منصوبي اندر پلاٽ حاصل ڪيا آهن.


درخواست ۾ آئين جي آرٽيڪل 9، 18 ۽ 25 تي زور ڏنو ويو آهي، جيڪي شخص جي حفاظت، واپار جي آزادي ۽ شهرين جي برابري تي ڌيان ڏين ٿا ۽ ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته بي ٽي ايل ڪي سان اهو ئي سلوڪ ڪيو وڃي، جيئن سندس مدمقابل ساڳئي علائقي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ساڳيو ئي ڪاروبار ڪن پيا.


اهو چيو ته ڊي ايڇ اي سٽي جي مقابلي ۾ 458 بلين رپين کان وڌيڪ قيمتي فرق BTLK لاءِ مسابقت ۾ رهڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو ، سخت مالي اثرن جو خطرو آهي.


ڊان

18 آڪٽوبر 2023

 
 
 

Recent Posts

See All

Comments

Rated 0 out of 5 stars.
No ratings yet

Add a rating
Post: Blog2_Post

+923363877276

Subscribe Form

Thanks for submitting!

©2023 by Public Blend Media. Proudly created with Wix.com

bottom of page